دلاور خان هالاڻي

دلاور خان هالاڻي: دلاور بابت ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻايو آهي ته: ”دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ اختلاف شروع کان ئي هئا. ميان نور محمد خان پنهنجي دؤر ۾ دائود پوٽن کان سنڌ جا باقي علائقا وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو. ميان نور محمد خان وٽ جڏهن دائودپوٽن جو خاص ماڻهو ملا جنيد اچي پيش پيو، تڏهن ميان نور محمد کيس چيو ته جيڪڏهن تون واقعي دائود پوٽن کان پنهنجا تعلق ٽوڙي چڪو آهين ته ان لاءِ توکي عملي ثبوت ڏيڻو پوندو. ملا جنيد ثبوت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن تي ميان نور محمد خان چيس ته توکي دلاور خان هالاڻيءَ کي قتل ڪرائڻو آهي. ملا جنيد اهڙو شرط قبول ڪيو. خان هالاڻي'>دلاور خان هالاڻي دائودپوٽن ۾ وڏو بهادر مڃيو ويندو هو.
کيس مارائڻ جو مقصد دائودپوٽن جي طاقت ختم ڪرڻ هو. ملا جنيد جي ويجھن دوستن ۾ ايوب نالي هڪ شخص هو، جيڪو دلاور خان جو گھاٽو دوست هو. ملا جنيد ا يوب کي چيو ته دلاور خان کي مون وٽ وٺي اچ. ايوب هڪدم دلاور خان کي ملا جنيد وٽ وٺي آيو ۽ ملا جنيد دلاور خان سان ملڻ کانپوءِ کيس پنهنجي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي جي وچ ۾ ويهاريو. ملا جنيد اڳ ۾ ڪجهه ماڻهو تيار بيهاريا هئا. جڏهن دلاور خان جو ڌيان ڳالهين ۾ لڳي ويو، تڏهن مقرر ٿيل ماڻهن دلاور خان تي لڪي حملو ڪري ڏنو. دلاور خان وڏو بهادر هو، اهو به هڪدم اٿي وڙهڻ لڳو، پر ماڻهن جي گھڻائيءَ سبب دلاور خان سخت زخمي ٿي ڪري پيو، مقرر ٿيل ماڻهن اچي تلوارن سان ٻيهر حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ دلاور خان جي لاش کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. دلاور خان جھيڙي ۾ مرندي مرندي ملا جنيد جي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي کي به قتل ڪري ڇڏيو. دلاور خان جو خاص غلام اهو لقاءُ ڏسي هڪدم وٺي ڀڳو ۽ سڄي حقيقت دائود پوٽن کي ٻڌايائين. اهڙيءَ طرح دائود پوٽن سان ميان نور محمد خان جي دشمني ظاهر ٿي پئي.


لفظ دلاور خان هالاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو